پير مونا ڳڙهه گبربند

پير مونا ڳڙهه گبربند

پير مونا ڳڙهه گبر بند

پير مونا ڳڙهه گبر بند: سارونا ماٿري بلوچستان ۾ اوائلي زماني جا زراعتي مقصدن لاءِ ٻڌل بند ڪافي تعداد آهن، جيڪي ”گبر بند“ ڪري سڏجن ٿا. محققن جو خيال آهي ته اهي بند تاريخ کان اڳ واري دؤر جي ماڻهن، نين مان وهي ايندڙ پاڻي کي جهلي، ساڳئي پاڻي کي زراعتي مقصدن لاءِ استعمال هيٺ آندو ويندو هو. ساڳيو نمونو اڄ به ڪاڇي جي علائقن ۾ نين يا برسات جي پاڻي کي روڪڻ لاءِ اهڙا ننڍا ننڍا بند ٻڌا ويندا آهن. جن کي ”لٺيون“ ڪري سڏجي ٿو. هي گبر بند احمد بند سان لڳو لڳ پير موناڳڙهه جي ڀرسان اهي. پير مونا ڳڙهه وٽان موهن جي دڙي ۽ آمري دؤر جون وٿون، جن ۾ ٺڪراٺو، ٿانوَ، زيوَر، مڻيا ۽ ٻيون عام استعمال جون شيون مليون آهن. هن گبر بند ٺاهڻ سبب نئن سارونا جو پاڻي روڪي، ان مان آبادي ڪئي ندي هئي. هن بند جو هڪ حصو 16 فوٽ اوچو ۽ مجموعـي طور 16 فوٽ ويڪرو آهي، ٻيو حصو به 8 کان 9 فوٽ اوچو آهي. بند ڇاڪاڻ ته هاڻي استعمال هيٺ ڪونه آهي. ان ڪري ڪيترن هنڌن تي ختم ٿي ويو آهي. موناڳڙهه بند، احمد بند ۽ ڪاساٽي بند جو همعصر آهي. جيڪي پنج هزار سال اڳ ۾ اڏيا ويا هئا. هن بند جي اڏاوت ۾ گبر بند جي تري ۾ ڳرا گهڙيل پٿر استعمال ٿيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو